رهنمائي شـاعـري2

رهنمائي شـاعـري2

رهنمائي شاعري2

رهنمائي شـاعـري2 (ڪتاب): هـي ڪـتاب نامـور شـاعـر ڊاڪـٽر ابراهـيـم خـليـل جـو لکيل آهـي، جيڪو ’رهنمائي شاعريءَ‘ سلسلي جو ٽيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو ديباچو ناليواري شاعر محمد بخش ’واصف‘ لکيو آهي. ڪتاب جو تعارف حافظ عبدالله بسمل ٽکڙائيءَ جو لکيل آهي ۽ مهاڳ ڊاڪٽر ابراهيم خليل خود لکيو آهي. نون شاعرن لاءِ شاعريءَ جي سکيا واسطي لکيل هي ڪتاب چئن بابن تي مشتمل آهي. پهريون باب ’شعر جي بيان ۾‘ عنوان سان آهي، جنهن ۾ مختلف عنوانن سان ست فصل ڏنل آهن. باب ٻيو، ’ناموزون شعر‘ جي عنوان سان ڏنل آهي، جنهن ۾ ڪل چار فصل مختلف عنوانن سان ڏنل آهن. باب ٽيون ’موزون شعر‘ جي عنوان سان ڏنل آهي، جنهن ۾ مختلف عنوانن سان ڪل ارڙهن فصل ڏنل آهن ۽ چوٿون باب ’شعر جا قسم‘ عنوان سان آهي، جنهن ۾ ڪل ٽيويهه فصل مختلف عنوانن سان ڏنل آهن. هي ڪتاب 1948ع ۾ جمعيت الشعراءِ سنڌ پاران مسلم ادبي پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هي ڪرائون سائيز ڪتاب 264 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو